سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي 5 ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان 28 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي 5 ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان 28 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ بئنچ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ذيشان بيگ، طاهر علي، ناصر، فياض ۽ ابرار جي گمشدگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

رينجرز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته 5 ڄڻن بابت کين ڪابه ڄاڻ نه آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کان 28 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*