انگلينڊ جي دوري تي موجود گرين شرٽس اڄ ميزبان ٽيم خلاف واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ڪارڊف ۾ کيڏندي

انگلينڊ جي دوري تي موجود گرين شرٽس اڄ ميزبان ٽيم خلاف واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ڪارڊف ۾ کيڏندي،جنهن بعد پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 8مئي تي ٿيندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا سمورا بيٽسمين شاندار فارم ۾ نظر اچي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين انگلينڊ جي دوري ٻه ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽيم فتح حاصل ڪئي آهي.

قومي ٽيم پاران فخرزمان، بابر اعظم ۽عماد وسيم پريڪٽس ميچز ۾ سنچريون اسڪور ڪيون،جڏهن ته بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ٽيم سٺي پرفارمنس جومظاهرو ڪيو.

قومي ٽيم جي نالي واري آلرائونڊر محمد حفيظ پڻ ٽريننگ سيشنز ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ۾ رٿيل واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندي.

——————-

شاهد آفريدي جي ڪتاب گيمز چينجر جي مهورتي تقريب ڪراچي جي هڪ مقامي شاپنگ سينٽر ۾ منعقد ڪئي وئي،جنهن ۾سندس مداحن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.

شاهد آفريدي جي ڪتاب ۾ڪرڪيٽ ڪيريئردوران ڪيترن ئي واقعن بابت انڪشاف ڪيا وياآهن.

شاهد آفريدي گيم چينجر ۾ 2006جي اوول ٽيسٽ تڪرار تي انضمام الحق جي فيصلي سان اختلاف ڪيو.

ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي ته ٽيم کي ميچ اڌ ۾ نه ڇڏڻ گهرجي ها، انضمام الحق ڪپتان هو ،جنهن سبب سندس ڳالهه کي مڃيو، پر ايمپائر جي فيصلي تي ٻئي انداز سان به احتجاج ڪري سگهجي پيو.

واقعو ڪجهه اهڙي طرح پيش آيو هو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ جاري ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريلوي ايمپائر ڊيرل هيئر پاڪستان تي بال ٽيمپرنگ جوالزام مڙهيو۽ پاڪستان مٿان پنج رنزجي پينلٽي جي سزا ٻڌائي.

پاڪستان جي ٽيم چاءِ جي وقفي لاءِ جڏهن ڊريسنگ روم وئي ٽيم ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيلڊنگ ڪرڻ لاءِ ٽيم ميدان ۾ نه لهندي،جنهن بعد ايمپائر ڊيرل هيئر ميچ جو نتيجو انگلينڊجي حق ۾ ڏئي ڇڏيو.

بعد ۾آءِ سي سي ان معاملي جي جاچ ڪئي ۽ پاڪستان کي بال ٽيمپرنگ جي الزام مان ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو، پر انضمام الحق مٿان چار ون ڊي ميچز جي پاپندي مڙهي.

——————-

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد چيو آهي ته شاهد آفريدي جون ڳالهيون ٻڌي کل اچي ٿي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد اڳوڻي آلرائونڊر ۽ڪپتان شاهد آفريدي مٿان سخت تنقيد ڪئي.

هن چيو ته آفريدي نا مناسب رويو اختيار ڪيو۽ هن صرف پيسو ڪمائڻ خاطر ڪتاب ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.

جاويد مياندار وڌيڪ چيوته هن پنهنجي ڪتاب مان پيئسو نه ڪمايو،پر هن سمورو پيئسو امدادي ڪم ۾ ڏنو.

اڳوڻي ڪپتان جاويدميانداد وڌيڪ چيو ته شاهد آفريدي هاڻي بدلجي چڪو آهي،جيڪو پهرين ڪجهه ٻيو ۽ هاڻي ڪجهه ٻيو ٿي ويو آهي.

جاويد ميانداد وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هن ڪنهن سان زيادتي ڪئي آهي ته هو ان تي معافي گهري ٿو.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيم جو سنيئر ميمبر شعيب ملڪ ڏهن ڏينهن جي موڪل تي ويو آهي ۽ اميد آهي ته هو وقت تي ٽيم کي جوائن ڪندو ۽ ڪرڪيٽ ورلدڪپ ۾ ٽيم جو حصو هوندو.

ورلڊڪپ لاءِ فيوريٽ ٽيمن بابت سرفراز احمد چيو ته سڀ ٽيمون بهترين آهن، پر هو سمجهي ٿو ته ٽاپ چار ٽيمن ۾ پاڪستان،ڀارت، آسٽريليا ۽نيوزيلينڊ يا انگلينڊ فيوريٽ آهن.

قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته سندس ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي،جنهن جا 11رانديگر 2017جي چيمپيئنز ٽرافي کٽيندڙ ٽيم جو حصو هئا۽ انهن ئي رانديگرن کي بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيو.

محمد عامر بابت پڇيل سوال تي سرفراز احمد چيو ته فاسٽ بالر ٽيم جو اهم ميمبر آهي۽ کين خبر آهي ته هو وڏين ميچز ۾ سٺي بالنگ جومظاهرو ڪندو.

وزير اعظم عمران خان سان ملاقات بابت سرفراز احمد چيوته وزير اعظم عمران خان ٽيم جي سمورن رانديگرن کي مشورو ڏنو آهي ته دليري سان ڪرڪيٽ کيڏو پورو ملڪ توهان جي سپورٽ ڪندو.

——————-

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽عظيم بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر هڪ اشتهار کان متاثر ٿي اتر پرديش جي بابر شاپ گرلز پهچي ويو، جتي هن حجام ڇوڪري کان ڏاڙهي ٺهرائي.

ڀارت ۾ اڄڪلهه هڪ اشتهار وائرل آهي،جنهن ۾ رياست اترپرديش جي ڳوٺ  بنواري ٽولا سان تعلق رکندڙ ٻه ڇوڪريون نيها ۽جيوتي جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي.

2014۾ والد جي بيماري بعد نيها ۽جيوتي والڊ جو دڪان سنڀاليو.

روائتي طور تي مردن جو وڏو انگ حجامڪو ڪم ڪندا آهن، پر انهن ٻنهي ڇوڪرين صرف ڇوڪرن جو روپ اختيار ڪيو.

اهڙي طرح ٻنهي ڀينرن نه صرف پنهنجي والد جو اعلاج ڪرائڻ ۾مدد ڪئي، پر پنهنجي خاندان کي مڪمل سپورٽ ڪئي.

سچن ٽنڊولڪر انهن ٻنهي ڀينرن کان گهڻُو متاثر ٿيو ۽انهن جي دڪان تي ڏاڙهي ٺهرائڻ پهچي ويو.

سچن ٽنڊولڪر نيها ۽جيوتي کي تعليم ڏيارڻ ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪمپني پاران اسڪالرشپ پڻ ڏني.

ٽنڊولڪر جي ان پوسٽ کي هن وقت تائين 9لک کان وڌيڪ ماڻهن پسند ڪري چڪا آهن.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*