ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر سيد وحيد الرحمان مٿان فائر ڪيل گولين جا خول فورينزڪ ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا

ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر سيد وحيد الرحمان مٿان فائر ڪيل گولين جا خول فورينزڪ ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا، واقعي خلاف ڪراچي يونيورسٽي ۾ استادن ۽ شاگردن جو احتجاج جاري آهي.

اسٽنٽ پروفيسر وحيد الرحمان  جي قتل جي جاچ ڪندڙ ٽيم جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو گذريل ڏينهن مقتول جي گهر ويا ۽ شروعاتي جاچ مان پتو پيو آهي ته وحيدالرحمان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي.

جاچ ٽيم جي عملدارن جو  وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿياربندن پاران  مقتول تي فائر ڪيل گولين جا خول فرانزڪ ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويا آهن.

پوليس پروفيسر جي مبينه قاتل جو خاڪو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، قاتل جو قد ساڍا پنج فوٽ ۽ رنگ گهرو سانورو آهي ۽ ان جي عمر 30 کان 32 سال جي وچ ۾ آهي.

اسٽنٽ پروفيسر جي قتل خلاف ڪراچي يونيورسٽي جا استاد ۽ شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*