روس ۾ ماسڪو ايئرپورٽ تي مسافر جهاز ۾ باهه لڳڻ سبب 41 مسافر سڙي فوت ٿيا ويا

روس ۾ ماسڪو ايئرپورٽ تي مسافر جهاز ۾ باهه لڳڻ سبب 41 مسافر سڙي فوت ٿيا ويا، پرڏيهي خابرو ادارو موجب، جهاز ماسڪو جي ايئرپورٽ تان اڏام ڀري ته کيس خطري جا سنگنلز ڏنا ويا، هنگامي لينڊنگ دوران ڪيترن ئي مسافرن جهاز جي گيٽ مان ٽپو ڏئي جان بچائي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب موجب جهاز ماسڪو جي ايئرپورٽ تان جيئن ئي اڏام ڀري ته کيس خطري جا سنگنلز ڏنا ويا پر جهاز هنگامي لينڊنگ جي ڪوشش ۾ ناڪام ويو.

 پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، جهاز کي باهه لڳڻ بعد هيٺ ڪري پيو.

باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 41 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪيترائي مسافر جهاز جي هنگامي گيٽ تان نڪري پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جهاز ۾ 78 مسافر سوار هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*