ڀارت ۾ چونڊن جي پنجين مرحلي دوران سات رياستن ۾ چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي

ڀارت ۾ چونڊن جي پنجين مرحلي دوران سات رياستن ۾ چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، حريت اڳواڻن جي سڏ تي والاريل ڪشمير ۾ شٽربند هڙتال آهي، پولنگ بوٿ ويران نظر اچي رهيا آهن.

ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن جو پنجون مرحلو شروع ٿي ويو آهي، سيڪيورٽي جا انتظام انتتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

والاريل ڪشمير، جهارکنڊ، مڌيا پرديش، راجستان، اترپرديش ۽ ڏکڻ بنگال ۾ 51 سيٽن تي چونڊن دوران ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

ٻئي طرف والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي، سمورا ڪاروباري مرڪز بند آهن.

قابض انتظاميا پاران انٽرنيٽ  ۽ موبائل سروس بند ڪئي آهي، جڏهن ته پولنگ بوٿ به ويران نظر اچي رهيا آهن.

واضح رهي ته ستن مرحلن ۾ ٿيندڙ لوڪ سڀا جي چونڊ ۾ 90 ڪروڙ ووٽرز پنج سئو 43 سيٽن تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا آهن، نتيجن جو اعلان 30 مئي تي ڪيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*