اسرائيل غزه تي خوني حملا ڪري فلسطينين کي رت ۾ وهنجارڻ کانپوءِ جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسرائيل غزه تي خوني حملا ڪري فلسطينين کي رت ۾ وهنجارڻ کانپوءِ جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو، غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ  27  فلسطيني شهيد ٿي ويا، راڪيٽن حملن ۾ 4 اسرائيلي به مارجي ويا.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب غزه پٽي تي اسرائيلي  فورسز جي بمباري دوران 27 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ اسرائيل سان جنگبندي جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي جڏهن ته حماس طرفان به ٽي وي تي ان جا اعلان ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف اسرائيل جي طرفان سرڪاري طور تي اڃان تائين جنگبندي جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

گذريل ڏينهن کان هلندڙ غزه تي اسرائيل جي گولا باري  ۽ هوائي حملن ۾ چئن مهينن جي ٻارڙي ۽ ڳورهاري عورت سميت 19 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

جمعي کان جاري اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 27  ٿي ويو آهي.

اسرائيل طرفان الزام  مڙهيو ويو آهي ته حماس طرفان ڪيل راڪيٽ حملن ۾ اسان جا 4 شهري مارجي ويا آهن.

زميني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ اسرائيل عزه جي پٽي تي ٽينڪ پهچائي ڇڏيا آهن.

هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي ڪارروائين جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل کي هڪ دفعو ٻيهر حماس ۽ اسلامي جهاد جي دهشتگرد راڪيٽ حملن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*