ايس ايس پي ملير رائو انوار متحده سان تعلق رکندڙ ٻن دهشتگردن طاهر عرف لمبا ۽ جنيد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ايس ايس پي ملير رائو انوار متحده سان تعلق رکندڙ ٻن دهشتگردن طاهر عرف لمبا ۽ جنيد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ٻئي دهشتگرد ڀارت مان تربيت وٺي آيا آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهي آهي ۽ طالبان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، اهڙين جماعتن تي پابندي لڳڻ گهرجي.

ملير ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس لندي ايس ايس پي رائو انوار چيو ته هنن ايم ڪيو ايم جي ٻن دهشتگردن طاهر عرف لمبا ۽ جنيد کي گرفتار ڪيو آهي.

رائو انوار چيو ته ٻئي دهشتگرد ڀارت مان دهشتگردي جي سکيا ورتل آهن، جيڪي ڪراچي ۾ واپارين، ڊاڪٽرز ۽ صحافين جي قتل ۾ ملوث آهن.

ايس ايس پي ملير چيو ته جنيد ايم ڪيو ايم جي ٻئي دهشتگرد جاويد لنگڙا جو ڀاءُ آهي، جاويد لنگڙا الطاف حسين جو ويجهو ماڻهو آهي.

ايس ايس پي چيو ته  ايم ڪيو ايم جو نديم نصرت ۽ محمد انور “را ” سان رابطي ۾ هوندا آهن،ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد  بئنڪاڪ رستي ڀارت ويندا آهن.

هن چيو ته متحده سياسي جماعت هوندي “ را ” لاءِ ڪم ڪري ٿي، ايم ڪيو ايم طالبان کان به خطرناڪ آهي، ان تي پابندي لڳڻ گهرجي ۽ هو ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ بابت سرڪار کي سفارش ڪندو.

ايس ايس پي ملير چيو ته گرفتار ٿيل ٻئي دهشتگرد ڪي ايم سي جا ملازم آهن،دهشتگردن کي ڀارتي شهر دهورا دون ۾ تربيت ڏني ويندي آهي.

رائو انوار چيو ته ڪيس ۾ الطاف حسين، محمد انور ۽ نديم نصرت کي نامزد ڪيو ويندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هي ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي ايس ايس پي کان پڇيو ته ايم ڪيو ايم رد عمل ۾ هڙتال ڪئي ته پوءِ ؟جنهن جي جواب ۾ رائو انوار چيو ته ڏسان ٿو ته هاڻي ايم ڪيو ايم ڪيئن ٿي هڙتال ڪري….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*