ايس ايس پي ملير پاران ميڊيا آڏو پيش ڪيل مبينا دهشتگرد طاهر عرف لمبا ۽ جنيد متحده سان تعلق هئڻ ۽ ڀارت مان تربيت وٺڻ جي تصديق ڪندي اعتراف ڪيو آهي

ايس ايس پي ملير پاران ميڊيا آڏو پيش ڪيل مبينا دهشتگرد طاهر عرف لمبا ۽ جنيد متحده سان تعلق هئڻ ۽ ڀارت مان تربيت وٺڻ جي تصديق ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته کين ڀارتي فوج هڪ مهيني تائين تربيت ڏني ۽ هو محمد انور جي هدايتن تي ڪارروايون ڪندا هئا.

ايس ايس پي ملير رائو انوار پاران گرفتاري بعد ميڊيا آڏو پيش ڪيل مبينا دهشتگرد طاهر عرف لمبا ۽ جنيد اعترافي بيان ۾ چيو ته متحده جي هر سيڪٽر جا ڪارڪن ڀارت مان تربيت وٺندا آهن، ساڻن 25 ڪارڪن گڏ تربيت وٺي چڪا آهن.

طاهر عرف لمبا اعتراف ڪندي چيو ته سندس واسطو ايم ڪيو ايم سان آهي ۽ هو ڪراچي ۾ وارداتون ڪرڻ بعد بئنڪاڪ فرار ٿي ويندا هئا.

طاهر لمبا جو چوڻ هو ته ڀارتي ايجنٽ وقاص کين پيسا ڏيندو هو.

مبينا دهشتگرد جنيد چيو ته الطاف حسين جي چوڻ تي نديم نصرت ۽ ذوالفقار حيدر هدايتون ڏيندا هئا،1999۾ ٽريننگ لاءِ ڀارت وياسين ۽ ٽريننگ ڪري 2004 ۾ واهگا بارڊر ذريعي واپس پاڪستان پهتاسين.

جنيد چيو ته سندن ساٿي بنئڪاڪ فرار ٿي ويا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*