انگلينڊ خلاف رٿيل  پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم اڄ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي

انگلينڊ خلاف رٿيل  پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم اڄ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

انگلينڊ جي ٽيم ون ڊي سيريز کان پهرين کيڏي ويل واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي هڪ طرفي مقابلي بعد ست وڪيٽن تان شڪست ڏني.

ٻنهي ٽيمن وچ  پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي لنڊن ۾ کيڏي ويندي.

ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم اڄ لنڊن ۾ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ڪوچنگ اسٽاف جي ڪوشش هوندي ته فاسٽ بالرز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻجي.

ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم 173رنز اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، پر بالرز مخالف ٽيم جي بيٽسمنن کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ ميزبان ٽِيم گهربل ٽارگيٽ صرف ٽن وڪيٽ جي نقصان تي پوروڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ ڪپتان سرفراز احمد گهڻا پراميد آهن.

——————-

ڪرڪيٽ آسٽريليا هلندڙ سال پاڪستان خلاف رٿيل ٽيسٽ ۽ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽِيمن وچ ۾ سيريز نومبر مهيني ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ٻه ٽيسٽ ۽ 3ٽي-ٽوئنٽي ميچز شامل آهن.

شيڊيول مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا ۾3 ٽي-ٽوئنٽي ميچز 3، 5۽8 نومبر تي کيڏندي، جڏهن ته پهرين ٽيسٽ ميچ 21نومبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ 29نومبر تي رٿيل ايڊيليڊ ٽيسٽ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي.

——————-

ڪرڪيٽ جي ميگا ايونٽ آءِ سي سي ورلڊڪپ 2019۾ پاڪ-ڀارت ميچ جون سموريون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ کپي ويون.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي شيڊيول  مطابق ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ روائيتي حريف ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ اولڊ ٽريفرڊ ۾ 16جون تي شيڊيول ميچ کيڏي ويندي، جنهن جون سموريون ٽڪيٽون صرف 48ڪلاڪن ۾ کپي ويون.

ميڊيا رپورٽس مطابق ڪرڪيٽ جا مداح روائتي حريف پاڪ ڀارت ميچ لاءِ فائنل کان به وڌيڪ اهميت ڏئي رهيا آهن.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾رٿيل ان ميچ کي ڏسڻ جي خوائش رکندڙ جي تعداد 4لک کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته اسٽيڊيم ۾صرف 26هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي.

واضح رهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ هلندڙ مهيني جي 30تاريخ کان 14جولاءِ تائين انگلينڊ اينڊ ويلز ۾ کيڏيو ويندو.

10ملڪي ايونٽ ۾ انگلينڊ،   آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان، ڀارت، ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ، افغانستان، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي ٽيمون شامل آهن.

ٽورنامنٽ جون مختلف ميچز ڊي اينڊ نائيٽ هونديون، جڏهن ته ٽورنامنٽ ۾ مجموعي طور تي 48 ميچز کيڏيون وينديون.

هميشه جيان هن ڀيري به سمورن ڪرڪيٽ مداحن جون نظرون پاڪستان ۽ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ميچ تي کتل آهن،جيڪا 16جون تي کيڏي ويندي.

——————-

وزير اعظم عمران خان پنهنجي پراڻي دوست ۽ساٿي رانديگر جاويد ميانداد کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان علائقي ٽيمن جي واڌاري لاءِ پنهنجي بيان تي قائم آهي ۽ چيوته جاويد ميانداد جي پنهنجي سوچ آهي.

هن چيو ته سڄي دنيا جي اندر علائقي ميچز ٿينديون آهن، پاڪستان واحد ملڪ آهي، جتي اسپانسر پنهنجي ٽيم کيڏائي ڇڏيندا آهن.

وزير اعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته تمام گهڻو گوڙ ڪيو پيو وڃي ته ڊپارٽمنٽل ڪرڪيٽ ختم ڪيون پيا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ۾ تمام گهڻو پيئسو آهي، پر سسٽم ڪرپٽ آهي، نظام صحيح ڪيو پاڪستان کي پوءِ ڪوبه هارائي نٿو سگهي.

——————-

پاڪستان جي فٽبال ٽيم برازيل ۾رٿيل جونيئر فائيو عالمي مقابلن ۾ شرڪت ڪندي.

فائنل ٽيم جي چونڊ لاءِ ٽيمن جي ٽرائي آئوٽ مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي.

ٽيم جي سليڪشن لاءِ ڪراچي ، لاهور ۽اسلام آباد ۾ 16مئي کان 25مئي تائين ڪيمپ لڳائي ويندي، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان ايندڙ ٽيمون مقابلو ڪنديون.

پاڪستان جي نمائندگي لاءِ پهرين مقابلا ڪراچي ۾ ٿيندي، پوءِ لاهور ۽آخر ۾ اسلام آباد ۾ميدان سجايو ويندو.

ٽرائي آئوٽ مقابلا مڪمل ٿيڻ بعد بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندڙ ٽيمن کي 25مئي تي لاهور ۾ نيشنل ڪواليفائرز ۾ هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو، جتان هڪ بهترين ٽيم فائيوِ عالمي فائنل ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو ملندو.

——————-

پاڪستان جو عالمي شهرت يافته ايمپائر عليم ڊار اڄ ويسٽ انڊيز ۽بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ميچ ۾ هڪ وڌيڪ اعزاز پنهنجي نالي ڪندو.

ڪرڪيٽ فيلڊ ۾ بهترين فيصلا ڪرڻ سبب مشهور 50ورهين جو نالي واري ايمپائر عليم ڊار اڄ ويسٽ انڊيز ۽بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ايمپائرنگ جو فرض سر انجام ڏيندو ۽ اها ميچ سندس ڪيريئر جي 200هين ميچ هوندي.

عليم ڊار انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جون ٽيون ايمپائر هوندو،جنهن 200ميچ مڪمل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيون هوندو.

ان کان اڳ  ڏکڻ آفريڪي ايمپائر روڊي ڪورٽزن پهرين نمبر تي آهي جنهن 209ميچز،جڏهن ته نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ بلي بائوڊن جو نمبر ٻيو آهي،جنهن 206ميچز ۾ ايمپائرنگ ڪئي.

واضح رهي ته عليم ڊار آءِ سي سي جي ايليٽ پينل ۾ شامل آهي ۽ 2009کان 2011تائين لاڳيتي ٽي ڀيرا ڊيوڊ شيفرڊ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*