پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ اوول لنڊن ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ اوول لنڊن ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم گذريل ڏينهن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽِيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ کيڏي ويندي.

ون ڊي سيريز کان اڳ واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ کيڏي وئي،جنهن ۾ ميزبان ٽِيم هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

گذريل ڏينهن قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ڪوچنگ اسٽاف گهڻو وقت رانديگرن کي نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي زوز ڏنو.

اڄ جي ميچ ۾ فاسٽ بالر محمد عامر کي کيڏائڻ جو امڪان آهي ۽ کيس فارم ۾ واپس اچڻ لاءِ ون ڊي سيريز ۾ رکيو ويوآهي ۽جيڪڏهن هو سيريز ۾سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ محمد حفيط فٽ نه ٿي سگهيو آهي،جنهن جي اڄ جي ميچ ۾ شرڪت مشڪوڪ آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ پاڪستاني ٽائيم مطابق اڄ شام پنج وڳي شروع ٿيندي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي.

قومي ٽيم جي ڪتپان جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي ٽيم گذريل هڪ سال کان بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهي آهي ۽ سندن ڪوشش هوندي ته بهتر ڪرڪيٽ کيڏجي.

سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته ٽيم جي فيلڊنگ گذريل ميچز ۾ سٺي نه رهي آهي،جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته انگلينڊ جي ٽيم خلاف ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ بالرز جي ڪارڪردگي خراب نه هئي پر انگلش بيٽسمينن سٺي بيٽنگ ڪئي.

هن چيوته شعيب ملڪ ٻئين ون ڊي ميچ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.

سرفراز احمد وڌيڪ چيوته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان پهرين انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز وڏي اهميت رکي ٿي.

——————-

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران فرحت اڳوڻي ڪپتان ۽ آلرائونڊر شاهد آفريدي کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ خرابي جو زميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

عمران فرحت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ ۽ وڊيو پيغام ذريعي شاهد آفريدي جي مخالفت ڪئي.

هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ماڻهو جيڪو ڪرڪيٽ ۾ آيو اهو شاهد آفريدي آهي.

عمران فرحت اهو به چيو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي خرابي جو زميوار شاهد آفريدي آهي.

هن وڌيڪ چيوته شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ۾اڳوڻي ڪرڪيٽرز تي تنقيد ڪئي، جنهن تي کيس وڏو افسوس ٿيو آهي.

عمران فرحت جوچوڻ هوته شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب جي مشهوري لاءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرز مٿان تنقيد ڪئي ۽سستي شهرت لاءِ جينٽل مين گيمز کي نقصان پهچايو.

——————-

ويسٽ انڊيز اوپنر اسٽار بيٽسمين ڪرس گيل کي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019 لاءِ ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪيوويوآهي.

36ورهين جي ڪرس گيل 103ٽيسٽ، 289 ون ڊي ۽58ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪئي آهي.

ڪرس گيل ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ مجموعي طورتي 18هزار 992رنز اسڪور ڪيون آهن.

——————-

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي شروع ٿيڻ ۾ باقي ٿورو وقت رهيو آهي ،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جون ٽيمون تيارين ۾ مصروف آهن ته ٻئي طرف ڏکڻ آفريڪي ٽيم انجريز جي ور چڙهي وئي آهي.

ميگا ايونٽ کان پهرين ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي جو اسٽار فاسٽ بالر ڊيل اسٽين ۽ ڪاگيسو رباڊا انجري سبب سندن ڪرڪيٽ ورلڊڪپ۾ شرڪت مشڪوڪ ٿي وئي آهي.

ٻنهي فاسٽ بالرز بعد هڪ اهم بالر آنريچ نورچ پڻ ايونٽ کان انجري سبب ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آنريچ نورچ هاڻي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو،جنهن جي جاءِ تي ڪرس موريس کي طلب ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڊيل اسٽين ۽ڪاگيسو رباڊا آءِ پي ايل دوران انجري جي ور چڙهي ويا۽ ٻئي پنهنجي وطن واپس هليا ويا آهن،جتي سندن علاج جاري آهي.

——————-

انگلش  پريميئر ليگ جي هڪ اهم ميچ ۾ مانچسٽر سٽي جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ليسٽر سٽي جي ٽيم کي هارائي ڇڏيو.

ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن هڪ ٻئي جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري گول اسڪورڪرڻ جون ڪوششون ڪيون،پر ڪابه ٽيم گول اسڪور نه ڪري سگهي.

ميچ  جي 70هين منٽ ۾ مانچسٽر سٽي جي ڪومپني گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري ورتي، جيڪا ميچ ختم ٿيڻ تائين برقرار رکي ۽ اهڙي طرح مانچسٽر سٽي جي ٽيم ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*