لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي استعفيٰ کانپوءِ درخواستون اڪلائي ڇڏيون

لاهور هاءِ ڪورٽ، يوٿ لون پروگرام جي چيئرپرسن جي عهدي تان استيعفيٰ  کانپوءِ وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته مريم نواز جي استيعفيٰ سٺو قدم آهي، يوٿ لون پروگرام جي چيئرپرسن جي مقرري لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل بينچ، مريم نواز جي يوٿ لون پروگرام جي چيئرپرسن طور مقرري خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زبير نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته مريم نواز يوٿ پروگرام جي چيئرپرسن واري عهدي تان استيعفيٰ ڏني آهي، ان ڪري درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي.

عدالت، مريم نواز جي استيعفيٰ بعد درخواست اڪلائي ڇڏي، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته مريم نواز جي استيعفيٰ سٺو قدم آهي.

عدالت، حڪم ڏنو ته يوٿ لون پروگرام جي چيئرمين شپ لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت طريقيڪار واضح ڪري.

ياد رهي ته درخواستگذار تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زبير نيازي موقف اختيار ڪيو هو ته وزيراعظم جي ڌي هئڻ ڪري مريم نواز کي يوٿ لون پروگرام جي چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو آهي، سندس تعليمي قابليت به ايتري ناهي، ان ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*