پاڪستان جي ٽيم انگلينڊ خلاف جاري پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي

پاڪستان جي ٽيم انگلينڊ خلاف جاري پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي، شعيب ملڪ ٻين ون ڊي ميچ ۾ ٽيم جو حصو هوندو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 8 تاريخ تي کيڏي وئي هئي،جيڪا برسات سبب ختم ٿي ڪئي وئي.

سڀاڻي ٻنهي ٽيمن وچ ۾سيريز جي ٻيئن ميچ سائمپٿن ۾ کيڏي ويندي.

قومي ٽيم سيريز جي ٻين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪندي.

ڪوچنگ اسٽاف اڄ پريڪٽس سيشن ۾ سڀ کان پهرين مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪرائيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته سيريز جي رهيل ميچز ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪبو.

هن وڌيڪ  چيو ته سندن سمورو ڌيان ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي کتل آهي،جنهن لاءِ هي سيريز وڏي اهميت رکي ٿي.

——————-

 پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي نالي واري فاسٽ بالر شعيب اختر اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڪتاب بابت چيو آهي ته ڪتاب ۾ سنيئر رانديگرن بابت جيڪو ڪجهه کليو ويو آهي اهو گهڻو وڌيڪ آهي.

شعيب اختر جو چوڻ آهي ته شاهد آفريدي سينيئر رانديگرن بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

شعيب اختر جو چوڻ هوته شاهد آفريدي کي ان حوالي سان اڃا گهڻو ڪجهه وڌيڪ کلڻ گهربو هو.

اڳوڻي فاسٽ بالرشعيب اختر وڌيڪ چيوته جيڪڏهن شاهد آفريدي کي اهي سموريون ڳالهيون 20 سال اڳ ڪرڻ گهرجن هاته کيس ڪتاب لکڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها.

——————-

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين معين خان چيو آهي ته سرفراز احمد بهترين رانديگرن مان هڪ آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي معين خان چيو ته سرفراز احمد کي ٽيم جي ضرورت تحت بيٽنگ لاءِ اچڻ گهرجي.

معين خان وڌيڪ چيوته ورلڊڪپ ۾ پاڪستان کي بغير ڪنهن خوف جي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.

سندس چوڻ هوته قومي ٽيم ۾ بهترين رانديگر شامل آهن،جيڪي بهتر نتيجيه ڏئي سگهن ٿا.

اڳوڻي ڪپتان معين خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٽيم جا سمورا رانديگر مڪمل اعتماد سان کيڏيا ته ڪاميابي ٽيم جو مقدر بڻجندي.

معين خان چيو ته رمضان ٽورنامنٽس پي ايس ايل فرنچائز ٽيمن کي ايمرجنگ ٽيلنٽ پڻ ملي سگهي ٿو.

——————-

قانون سڀني لاءِ ۽ان جي خلاف ورزي تي سزا پن سڀني لاءِ آهي، لندن جي عدالت اهو ڪري ڏيکاريو آهي.

ڊرائيونگ ڪرڻ دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ تي اڳوڻي انگلش فٽبالر ۽ ڪتپان ڊيوڊ بيکم مٿان ڇهه مهينن تائين گاڏي هلائڻ تي پاپندي مڙهي وجهي ڇڏي آهي.

مقامي ميڊيا مطابق ڊيوڊ بيکم کي هڪ شهري گذيل سال 21نومبر تي ڊرائيونگ دوران موبائل فون استعمال ڪندي ڏٺو هو.

——————-

اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ جاري ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ نوواڪ جوڪووچ، رافيل نڊال ۽ راجرفيڊرر پنهنجي ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اڳين رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ جاري ميگا ايونٽ ۾اسپين جي راجرفيڊرر شاندار فورهينڊ ۽بيڪ اسٽروڪس جومظاهرو ڪندي گائل مونفلز کي ڇهه-ٻڙي ۽ست-ڇهه تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ايونٽ جي ٻين ميچز ۾ نوواڪ جوڪووچ هڪ طرفي مقابلي بعد جرمي چارڊي کي ڇهه-هڪ۽ست-ڇهه تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل  ڪئي.

اسپين جي رافيل نڊال پنهنجي مخالف فرانسز ٽائفو کي ڇهه-ٽي۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري اڳين رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

——————-

يورپين چيمپيئنز ليگ فٽبال ٽورنامنٽ جي هڪ اهم ميچ ۾ ارسنل جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ويلنسيا جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

ايمرسٽڊِيم ۾ کيڏي ويل يورپين چيمپيئنز ليگ فٽبال ٽورنامنٽ جي سلسلي واري کيڏي ويل ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

ميچ جي 50هين منٽ ۾ ارسنل جي ٽيم پاران ايليگزينڊر لاڪازيٽي  گول اسڪور ڪري ٽيم کي برتري ڏياري،جنهن کي 58هين منٽ ۾ ويلنسيا جي ڪيون گاميرو گول اسڪور ڪري برابر ڪيو.

ميچ جي ٻين هاف ۾ ارسنل جي ٽيم پاران 59هين ۽88منٽ ۾ پيري ايمرڪ ٻه گول اسڪور ڪري ٽيم کي مخالف ٽيم خلاف ٻن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*