ملازمن ڪريم ڀاند، حاجي ابراهيم سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول سرجن آفيس کان ريلي ڪڍي مين گيٽ تي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

ٺٽو سول اسپتال ۾اهم شعبا بند ٿي  وڃڻ، دوائون نه ملڻ ۽ پگهارون 6 مهينن کان بند هئڻ خلاف ملازمن مڪلي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ملازمن ڪريم ڀاند، حاجي ابراهيم سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول سرجن آفيس کان ريلي ڪڍي مين گيٽ تي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسپتال جو انتظام سنڀاليندڙ اين جي او مرف جي بدانتظامي ۽ ڪرپشن سبب اسپتال ۾ دوائون ميسر نه آهن.

 جڏهن ته اسپتال جو ايڪسري يونٽ ۽ ٽي بي وارڊ به بند ڪيا ويا آهن،جنهن سبب ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جا مريض دربدر ٿي رهيا آهن.

 هنن وڌيڪ چيو ته بند پيل شعبا نه کولرائڻ ۽ ايمرجنسي ۾ زندگي بچائڻ جون دوائون ميسر نه هجڻ ڪري مريضن جي وارثن ۽ عملي وچ ۾ اڪثر جهيڙا ٿين ٿا.

اڳواڻن چيو ته اين جي او پاران ڀرتي ڪيل ملازمن کي 6 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جنهن سبب ملازم ۽ سندن خاندان فاقاڪشي تي مجبور آهن.

 هنن چيو ته مطالبو ڪيو ته سول اسپتال ٺٽو سميت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جون سموريون اسپتالون اين جي او کان واپس وٺي صحت کاتي حوالي ڪيون وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*