ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ ٻارن جون فوتگيون رڪجي نه سگهيون

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ ٻارن جون فوتگيون رڪجي نه سگهيون، وڌيڪ 4 ٻار فوت ٿي ويا، هلندڙ سال دوران فوتي ٻارن جو تعداد وڌي 324 ٿي ويو آهي.

ٿر ۾غذائي کوٽ سبب ٿيندڙ بيمارين وگهي مٺي سول اسپتال ۾ 3 ۽ ننگرپارڪر اسپتال ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو.

سول اسپتال مٺي ۾ رزاق چانڊيو جي تازو ڄاول ڌي، گل جي ميگهواڙ جو ٻن ڏينهن جو پُٽ ۽ اَمو لک ميگهواڙ جي هڪ ڏينهن جي ڌي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ننگرپارڪر تعلقي اسپتال ۾ 10 مهينن جي ڪيسري ڌي پريمچند فوت ٿي وئي.

هلندڙ سال دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو تعداد وڌي 324 ٿي ويو آهي.

 ٻئي پاسي ٿر جي اسپتالن ۾صحت سهولتن جي اڻهوند برقرار آهي، جنهن ۾ دوائن جي کوٽ ختم ناهي ٿي سگهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*