ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثااثا ٺاهڻ واري الزام هيٺ نيب هٿان گرفتار اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ٻڌڻي

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثااثا ٺاهڻ واري الزام هيٺ نيب هٿان گرفتار اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ٻڌڻي، عدالت نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 2 مهينا گذري ويا آهن پر اڃا تائين جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آهي، 10 ڏينهن اندر ريفرنس داخل نه ڪيو ويو ته جوابدار جي درخواست تي حڪم ڏنو  ويندو.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي گرفتار ڪيل اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نيب آعا سراج دراني کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

آغا سراج دراني جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل جي گرفتاري بلڪل غير قانوني آهي ڇاڪاڻ ته نيب  نيب هن مهل تائين ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي.

عدالت نيب جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 2 مهينا گذري ويا آهن پر هن مهل تائين جاچ ڇو مڪمل نه ٿي سگهي آهي؟اڃا ڪيترا ڏينهن لڳندا؟.

عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان جاچ رپورٽ بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ نيب هيڊ ڪوارٽر ڏانهن اماڻي وئي آهي.

عدالت چيو ته 90 ڏينهن اندر ريفرنس داخل ڪرڻ هوندو آهي باقي 10 ڏينهن بچيا آهن، جيڪڏهن ريفرنس داخل نه ڪيو ويو ته جوابدار جي درخواست تي حڪم ڏنو ويندو.

عدالت نيب پراسڪيورٽر ۽ جاچ آفيسر کان ڪيس جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 21مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*