سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جا ڪيس ڌڙا ڌڙ سامهون اچڻ بعد ٺٽي صحت کاتي پاران اسڪريننگ ڪئمپون لڳائڻ بدران جاڳرتا ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جا ڪيس ڌڙا ڌڙ سامهون اچڻ بعد ٺٽي صحت کاتي پاران اسڪريننگ ڪئمپون لڳائڻ بدران جاڳرتا ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

انسلسلي ۾ ڊي ايڇ او ٺٽو ڊاڪٽر حنيف ميمڻ، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شيام ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪلي سول اسپتال کان ايڊز بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي،جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ڀرپور شرڪت ڪئي.

هنن چيو ته ايڊز خطرناڪ وبائي صورت اختيار ڪري رهي آهي، جنهن کان بچڻ لاء احتياطي قدم کڻڻ ضروري آهن.

هنن چيو ته ايڊز جي ڦهلجڻ جو وڏو ڪارڻ عطائي ڊاڪٽر ۽ بنا چڪاس جي رت لڳائڻ آهي.

 ٻئي طرف سڄي سنڌ ۾ ايڊز بابت انتظاميه جي حرڪت ۾ اچڻ باوجود ٺٽي ۾ اڃا تائين ايڊز جي تشخيص لاءِ اسڪريننگ ڪئمپون نه لڳايون ويون آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*