رتيديري ۽ ڀر وارن علائقن ۾ ايڊز جي وائرس ايڇ آءِ وي تباهي مچائي ڇڏي

رتيديري ۽ ڀر وارن علائقن ۾ ايڊز جي وائرس ايڇ آءِ وي تباهي مچائي ڇڏي، ڊبليو ايڇ او جي ڪيمپ تي 920 ڄڻن جي اسڪريننگ دوران وڌيڪ 49 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وئي، ڳوٺ سبحاني شر ۾ ايڊز ڪنٽرول پروگرام پاران قائم ڪيل ڪيمپ تي به 6 ٻارڙن کي ايڊز جو وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وئي.

رتيديري ۽ ڀر وارن علائقن ۾ ايڊز جي وائرس ايڇ آءِ وي تباهي مچائي ڇڏي،تعلقي اسپتال رتو ديرو ۾ ڊبليو ايڇ او پاران قائم ڪيل ڪيمپ تي ٻارڙن ۽ عورتن سميت 920 ڄڻن جي اسڪريننگ ڪئي وئي.

 اسڪريننگ دوران وڌيڪ 49 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي، ايڇ آءِ وي وائرس سٽيل نون مريضن ۾ 38 ٻارڙا ۽ 11 عورتون شامل آهن.

رتيديري ويجهو ڳوٺ سبحاني شر ۾ سنڌ ايڊزڪنٽرول پروگرام پاران قائم ڪيل ڪيمپ تي به 6 ٻارڙن کي ايڊز جو وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*