ميرپوربٺوري ۽جاتي ۾ پيرا ميڊيڪل عملي تعلقي اسپتال انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا

ميرپوربٺوري ۽جاتي ۾ پيرا ميڊيڪل عملي تعلقي اسپتال انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

ميرپور بٺوري ۾ صحت کاتي جي ملازمن رجب ميمڻ، عالم ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

جاتي ۾ ملازمن اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي اسپتال جو انتظام هلائيندڙ اين جي او خلاف نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن چيو ته اسپتال جو انتظام سنڀاليندڙ اين جي او مرف جي ريجنل مئنيجر جي اڍنگي رويي ۽ زيادتين سبب ملازم سخت پريشان آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته ريجنل مئنيجر  کي ھٽائي بيچيني دور ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*