ڪراچي جي اقبال مارڪيٽ ۾ ايل پي جي دڪان اندر گيس سلنڊر  جو ڌماڪو، ٽريفڪ پوليس جا 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي جي اقبال مارڪيٽ ۾ ايل پي جي دڪان اندر گيس سلنڊر  جو ڌماڪو، ٽريفڪ پوليس جا 2 اهلڪار زخمي، شهرين واقعي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي گيس سلنڊرز جي غير قانوني فلنگ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

اقبال مارڪيٽ ۾ واقع سي اين جي گيس جي دڪان اندر گيس سيلنڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ روڊ ڀرسان ڊيوٽي ڪندڙ ٽريفڪ ڪانسٽيبل شوڪت ۽ ولايت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

شهرين واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهر اندر گيس سيلنڊر جي غير قانوني فلنگ انسانن لاءِ  خطرناڪ آهن.

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ايل پي جي  غير قانوني فلنگ بند ڪري انساني حياتيون بچايون وڃن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*