ڪوٽڏيجي ڀرسان ميرواهه ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿيل نينگري فرزانا مڱڻهار جو لاش 4 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهيو

ڪوٽڏيجي ڀرسان ميرواهه ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿيل نينگري فرزانا مڱڻهار جو لاش 4 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهيو، فرزانا جي امڙ جو پاڪ ڪتاب کڻي ميرواه جي ڪپ تي احتجاج ڪري پاڻيءَ کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏنا.

ڳوٺ عزت ڀرسان ميرواهه جي ڪپ تي ڪپڙا ڌوئڻ دوران ٻڏي فوت ٿيل نينگري فرزانا ڌيءَ عظيم مڱڻهار جو لاش 4 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهيو.

نينگريءَ جي وارثن 3 ڏينهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽوٻا گهرائي لاش جي ڳولا ڪئي هئي، جنهن بعد پاڪستان نيويءَ جي ٽوٻن به گذريل ڏينهن لاش جي ڳولا ڪئي هئي، پر ان باوجود لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي.

فرزانا جي امڙ جو عورتن سان گڏجي  پاڪ ڪتاب کڻي ميرواه جي ڪپ تي احتجاج ڪيو ۽ پاڻيءَ کي لاش ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*