سانگهڙ ويجهو مري برادري جي ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو

سانگهڙ ويجهو مري برادري جي ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو، پوليس موجب  جهيڙي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

ڳوٺ سيفل مري ۾ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب 25 ورهين جو نوجوان ذوالفقار مري زخمي ٿي پيو.

زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، جتي شروعاتي طبي ڏيڻ بعد پي ايم يو نوابشاھ منتقل ڪيو ويو.

 ٻئي پاسي پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ مير مري پهچي وئي، پوليس موجب واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*