ساماري ۾ڌنار تي بااثرن جي مبينا تشدد خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ساماري ۾ڌنار تي بااثرن جي مبينا تشدد خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ کاڻي موري واسي وسايو کوسو پنهنجي گهرواري سان گڏ پريس ڪلب پهچي  بااثرن خلاف احتجاج ڪيو.

پيرسن وسايو کوسو چيو ته ٻن بااثرن  رمضان ۽ جبار کوسو هلان ڪري 12 ورهين جي پٽ اعظم کوسو کي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن  8 مهينا اڳ  گهر کي باهه ڏئي ساڙيو هو.

 هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*