انگلينڊ جي ٽيم جي بيٽنگ ٻين ون ڊي ميچ ۾ عروج تي نظر آهي

انگلينڊ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻيئن ميچ ۾ پاڪستان کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد 12رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

انگلينڊ جي ٽيم جي بيٽنگ ٻين ون ڊي ميچ ۾ عروج تي نظر آهي ۽انهن پاڪستاني بالرز جي هڪ به هلڻ نه ڏني.

مقرره 50 اوورس ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 373رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ جوز بٽلر 55بالن تي 9ڇڪن ۽6چونڪن جي مدد سان 110۽ڪپتان اين مورگن 71رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا،جڏهن ته جيس روءِ 87،بيئرسٽو 51۽جوءِ روٽ 40رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان پاران حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ياسر شاهه هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي گهربل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ،پر ٽارگيٽ حاصل نه ڪري سگهي.

قومي ٽِيم مقرره 50 اوورس ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 361رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان پاران فخر زمان 138 رنز اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته بابر اعظم ۽آصف علي 51-51۽ڪپتان سرفراز احمد 41رنز جي اننگ کيڏي.

انگلينڊ پاران ڊيوڊ ولي ۽پلنڪٽ ٻه-ٻه،جڏهن ته ڪرس ووڪس ۽عادل راشد جي حصي ۾ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنگ بيٽسمين فخرزمان جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي ٽيم خلاف وڏو اسڪور ڪرڻ تي کيس خوشي آهي، پر ٽيم کي فتح نصيب ٿئي ها ته خوشي وڌيڪ هجي ٿئي ها.

فخرزمان جو چوڻ هوته ٽيم جي سمورن بيٽسمينن سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو۽ميچ جي 47هين اوور تائين ميچ سندن هٿ ۾ هئي۽ آخري ٽن اوورس ۾ گيم هٿن مان نڪري وئي.

انگلينڊ پاران ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اوپنر فخرزمان شاندار سنچري اسڪور ڪئي.

فخرزمان 106بالن تي چار ڇڪن ۽12چونڪن جي مدد سان 138رنز اسڪور ڪيون.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته هو ٽيم جي بيٽنگ ۾ مطئمن آهي، پر بالرز جي ڪارڪردگي مايوس ڪيو.

انگلينڊ خلاف ٻين ون ڊي ميچ ۾ شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته بالرز اخري ڏهه اوورس ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو نه ڪيو،جنهن سبب مخالف ٽيم وڏو ٽوٽل اسڪور ڪيو.

قومي ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيوته ايتري وڏي ٽارگيٽ باوجود سمورن بيٽسمينن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم انگلينڊ پاران مليل 374رنز جو ٽارگيٽ جي جواب ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي ست وڪيٽن جي نقصان تي 361رنز اسڪور ڪيون.

ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب ختم ٿئي وئي ۽ٻين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم 12رنز تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته سيريز جي ٽيئن ميچ 14مئي تي کيڏي ويندي.

——————-

برازيل جي شهر ريو ڊي جينرو ۾ منعقد ٿيل بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان جي انعام بٽ کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

فائنل ۾ شڪست بعد فائنل انعام بٽ کي چاندي جي ميڊل جو حقدار بڻيو.

ريو ڊي جنيرو ۾ منعقد ٿيل بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز جي فائنل ۾ انعام بٽ جومقابلو جارجيا جي داتو مارسا گشولي سان ٿيو.

جارجيا سان تعلق رکندڙ اولمپڪ ميڊلسٽ پهلوان کي پاڪستان جي اسٽار ريسلر خلاف ٻڙي جي ڀيٽ ۾ٻن پوائنٽس تان ڪامياب قرار ڏنو ويو.

فائيٽ بعد انعام بٽ چيوته ريفري سندس خلاف هڪ غلط فيصلو ڏنو،جنهن ٽيڪنڪ جي هڪ ڏينهن پهرين اجازت ڏني وئي ۽ فائيٽ ۾ ان تي عمل ڪرڻ تي مخالف کي پوائنٽ ڏنو ويو.

——————-

اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ جاري ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي سيمي فائنل ۾ اسٽيفونز هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ميزبان ملڪ جي رافيل نڊال کي شڪست ڏئي ميگا ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ميگا ايونٽ جي پهرين سيٽ ۾ اسٽيفونز هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رافيل نڊال کي ڇهه-چار تان شڪست ڏني آهي.

ميچ جي ٻئين سيٽ ۾ رافيل نڊال مخالف رانديگر کي ٻن جي ڀِيٽ ۾ ڇهه پوائنٽس تان هارايو.

ميچ جي آخري سيٽ ۾ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ دلچسپ ۽سخت مقابلوڏسڻ ۾آيو،جنهن ۾ اسٽيفونز رافيل نڊال کي ٽن جي ڀيٽ ۾ ڇهه پوائنٽس تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*