وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي،جنهن ۾ وزيراعظم ايمنسٽي اسڪيم بابت بريفنگ ڏني ويندي.

اسلام آباد ۾ ٿيندر اجلاس ۾ ڪابينا پاران  ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري جو امڪان آهي،منظوري بعد  صدارتي آرڊيننس ذريعي ايمنسٽي اسڪيم لاڳو ڪئي ويندي.

نئين اسڪيم تحت چار سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري اثاثا ظاهر ڪري سگهبا،جن جا پرڏيهه ۾ اثاثا آهن اهي 6 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري ان کي ريگيولرائزڊ ڪرائي سگهن ٿا.

اجلاس ۾ وزيراعظم کي کاڌي جي شين،موجودهه تعليمي نظام جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي ۽ مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ بابت هينئر تائين ٿيل اڳڀرائپ جو به جائزو ورتو ويندو.

پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين کي قونصلر رسائي پاليسي  وارو معاملو به اجلاس جي ايجنڊا ۾شامل آهي.

وفاقي ڪابينا  قومي ايئر لائينز جي چارٽر ۽ ايئريل ورڪ لائيسنس کي ٻيهر جاري ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*