انگلينڊ ۾ موجود قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر قسمت آزمائيندي

انگلينڊ ۾ موجود قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر قسمت آزمائيندي، ٻنهي ٽيمن  وچ ۾ اڄ رٿيل ميچ شام پنج وڳي شروع ٿيندي.

ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ شعيب ملڪ ۽ فاسٽ بالر جنيد خان جي شموليت جو امڪان آهي.

انگلينڊ جي دوري ۾ پاڪستان جي ٽيم کي واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست نصيب ٿي هئي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾پهرين ون ڊي ميچ برسات سبب ختم ڪئي وئي ،جڏهن ته ٻين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم پاڪستان کي 12رنز تان شڪست ڏني هئي.

ورلڊڪپ کان پهرين ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽ پنجين ون ڊي ميچ 17۽19مئي تي کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*