ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ڌماڪي جو ڪيس ڪوئيٽا جي ٿاڻي سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويو

ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ڌماڪي جو ڪيس ڪوئيٽا جي ٿاڻي سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويو، نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ قتل، قتل جي ڪوشش ۽ ٻيا قلم لاڳو ڪيا ويا.

ڪيس ٿاڻي سيٽلائيٽ جي ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن شام جو  بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ پوليس وين ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ نو ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊي آئي جي  ڪوئيٽا رزاق چيما مطابق ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٻه پوليس اهلڪار ۽ ست عام شهري شامل آهن، زخمين مان ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي اهلڪار ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪري ڇڏيو.

ڪوئيٽا جي مني مارڪيٽ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل چئني پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائين ۾ ادا ڪئي  وئي.

ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي کانپوءِ شهر جي فضا سوڳوار آهي ۽ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن غلام نبي،محمد اسحاق، ذوالفقار ۽ مشتاق شاهه جا مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*