نصير آباد ۾ اڻ ڄاڻاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي پورهيت مارجي ويا

بلوچستان جي علائقي نصير آباد ۾ اڻ ڄاڻاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي پورهيت مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

فائرنگ جو واقعو بلوچستان جي شهر منجو شوري جي ويجهو پيش آيو، جنهن ۾ اڻ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن پورهيتن کي ماري ڇڏيو ۽ هڪڙي کي زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي حد جي  پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون،جنهن مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس مطابق مارجي ويل شهرين جو واسطو  ٽنڊي آدم سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*