نيب آصف علي زرداري خلاف انڪوائريز بابت رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

قومي احتساب بيورو بيورو نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس بابت سموريونن نيب انڪوائريز بابت رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف نيب انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 اپريل تي آصف زرداري جي درخواست تي سمورين ڪيسز جا تفصيل طلب ڪيا هئا، عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ نيب ٻڌايو آهي ته جعلي بينڪ اڪائونٽس جون گڏيل طور 26 انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنز هلي رهيون آهن.

نيب رپورٽ  موجب جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت انڪوائريز سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب شروع ڪيون ويون آهن، 5 انڪوائريز ۽ 3 انويسٽيگيشن ۾ آصف زرداري جو ڪردار سامهون آيو آهي.

نيب رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آصف زرداري جا رڳو هڪ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽس جاري ڪيا ويا آهن.

 نيب رپورٽ جي ڪاپي عدالتي حڪم تي آصف علي زرداري جي وڪيلن کي به موڪلي وئي آهي، واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي وڪلين معرفت عدالت کي درخواست ڏني هئي ته سندس خلاف هلندڙ ڪيسز جا تفصيل ڏنا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*