سپريم ڪورٽ ميشاشفيع جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ گلوڪارا  ميشاشفيع جي درخواست تي شاهدن جي بيان تي فوري آڏي پڇا ڪرڻ واري لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،عدالت علي ظفر کي ستن ڏينهن ۾ شاهدن جا حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،عدالت ميشا شفيع ۽ علي ظفر کي غير ضروري درخواستون داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ  ۾ گلوڪارا ميشا  شفيع ڪيس جي درخواست تي شنوائي ٿي، وڪيل ميشا شفيع عدالت جي سامهون پيش ٿي  ڪري موقف اختيار ڪيو ته ميشا شفيع گلوڪارا علي ظفر جي شاهدن کي نٿي سڃاڻي،شاهدن ۾ علي ظفر جا ملازم به شامل آهن.

علي ظفر جي وڪيل چيو ته ڪوبه شاهد علي ظفر جو ملازم ناهي.

عدالت معلوم ڪيو ته ڇا علي ظفر جو ميشا شفيع جي درخواست تي بنيادي اعتراض آهي؟

ميشا شفيع جي وڪيل چيو ته  شاهدن جي لسٽ ملي وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ آڏي پڇا ڪري وٺنداسين.

عدالت ڄاڻايو ته هڪ ئي ڏينهن شاهدن جي جرح مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته بيان ۽ آڏي پڇا هڪ ئي ڏينهن ڪرڻ جو اختيار عدالت جو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*