شاهه محمود قريشي آمريڪا طرفان  پاڪستان تي ويزا پابندين  جي ترديد ڪري ڇڏي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا طرفان  پاڪستان تي ويزا پابندين  جي ترديد ڪئي آهي.

پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي  جي اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته آمريڪا پاران پاڪستان تي ڪابه ويزا پابندي نه لڳائي  وئي آهي.

امريڪي سفارتخاني ان حوالي سان پريس ريليز به جاري ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته آمريڪا غيرقانوني طور تي رهيل پاڪستانين کي پڪڙي واپس موڪلڻ چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ 70 کان وڌيڪ پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي، جيڪي سڀاڻي خصوصي اڏام ذريعي اچي رهيا آهن.

پرڏيهي وزي چيو ته آمريڪا چاهي ٿو ته انهن 70 پاڪستانين کي پاڪستان قبول ڪري، پر اسان انهن کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايوته گهرو وزارت ٽن آفيسرن تي ڪجهه سببن جي ڪري وزٽ ويزا تي پابندي لڳائي آهي،انهن آفيسرن ۾ گهرو معاملن جو جوائنٽ سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊي جي پاسپورٽ شامل آهن،هي پابندي پاڪستان تي نه لڳائي وئي آهي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزارت چيو آهي ته جيتريون ويزائون آمريڪا ڏيندو، ايتريون ئي پاڪستان جاري ڪندو،جيڪڏهن آمريڪا پنجن سالن جي ويزا ڏيندو ته پاڪستان به پنجن سالن جي ويزا ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*