شبر زيدي ڪاروباري مرڪزن ۽ آفيسن تي ڇاپا هڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

ايف بي آر جَي اعزازي چيئرمين شبر زيدي ڪاروباري مرڪزن ۽ آفيسن تي ڇاپا هڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

فيڊرل بيورو آف روينيو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪاروباري مرڪزن ۽ آفيسن تي ڇاپي سان گڏ ٽيڪس باقيدارن جي لسٽ ۾ ڪنهن جو نالو معطل ڪرڻ تي به پابندي لاڳو هوندي.

پڌرنامي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جو نالو ٽيڪس باقيدارن جي فهرست مان معطل ڪرڻو هوندو ته ان لاءِ ايف بي آر جَي چيئرمين ۽ ميمبر آپريشن کان اجازت وٺڻ لازمي هوندي.

ان کان علاوه ڪنهن اداري جي ٽيڪس چوري بابت ثبوت لڪائڻ تي ڇاپا هڻڻ کان اڳ ميمبر آپريشن ۽ ايف بي آر جي اعزازي چيئرمين کان اڳواٽ اجازت به وٺڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي.

ايف بي آر جَي اعزازي چيئرمين اها به سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي ته اڳواٽ اطلاع کانسواءِ ڪاروباري مرڪزن ۽ آفيسن تي ڇاپا نه هنيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*