حڪومت ملڪي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، شاهد خاقان عباسي

 اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ملڪي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، پهريان نيب هو هاڻي ايف آءِ اي ڪارروايون ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ڪالهه امير مقام جي پٽ تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو،هن تي الزامن بابت اين ايڇ اي چئن سالن ۾ شڪايت ڇو نه ڪئي؟

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته امير مقام جي پٽ جي ڪمپني تي ٽي ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، جنهن تي هن کي گرفتار ڪيو ويو،جڏهن ته ان جي ڪمپني جا نيشنل هائي وي اٿارٽي وٽ 30 کان 40 ڪروڙ رپيا پيا آهن.

هن سوال ڪيو ته ادارن کي بي آر ٽي منصوبي ۾ ڪرپشن ڇو نظر نٿي اچي؟

شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ته ان ۾ اسان جو ڪوبه ڏوهه ناهي،جيڪي ادارا ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪندا آهن،انهن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي،جيڪڏهن اميرمقام پي ٽي آئي ۾ شامل ٿي  وڃي ته سمورا ڪيس صاف ٿي ويندا.

ايمنسٽي اسڪيم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي اسڪيم غلط هئي،عمران خان جي اسڪيم صحيح ڪيئن ٿي؟ اصل ٽيڪس چورن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*