انگلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

انگلينڊ بيئراسٽو جي شاندار سنچري سبب پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽيئن ۽ اهم ميچ ۾ پاڪستان هڪ طرفي مقابلي  بعد ڇهه وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي واضح برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

انگلينڊ جي شهر برسٽول ۾ کيڏي ويل ٽين ميچ ۾ انگلش ڪپتان اين مورگن ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلوڪيو.

پاڪستان جي ٽيم جي بيٽنگ ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ ساراهه جوڳي رهي ۽ مقرره 50اوورس ۾ 9وڪيٽن جي نقصان تي 358رنز اسڪور ڪيون.

جنهن ۾ امام الحق ون ڊي ڪيريئر جي ڇهين سنچري اسڪور ڪئي.

امام الحق ون ڊي ڪيريئر جي بيسٽ اننگ کيڏندي 151رنز اسڪور ڪيون، جڏهن ته آصف علي 52،حارث سهيل 41۽سرفراز احمد 27رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيا.

انگلينڊ جي ٽيم پاران ڪرس ووڪس 4،ڪيورن 2،جڏهن ته ڊيوڊولي ۽پلنڪٽ جي حصي ۾ هڪ-هڪ وڪيٽ آئي.

انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 359رنز جو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 44ڏهائي پنج اوورس ۾ چار وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي واضح برتري حاصل ڪئي.

انگلينڊ جي ٽيم ڪاميابي ۾ جوني بيئراسٽو 93 بالن تي 5 ڇڪن ۽15چونڪن جي مدد سان 128رنز ، جڏهن ته جيسن روءِ 76،جوءِ روٽ 43معين علي 46۽بين اسٽوڪس 37رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان جي ٽيم پاران فهيم اشرف، جنيد خان ۽عماد وسيم هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*