صدر عارف علوي ايمنسٽي اسڪيم جي مسودي 2019 تي صحيحون ڪري ڇڏيون

صدر عارف علوي ايمنسٽي اسڪيم جي مسودي 2019 تي صحيحون ڪري ڇڏيون،جنهن بعيد آرڊيننس جاري ڪيو ويو.

صدارتي آرڊيننس مطابق اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪليئريشن 30 جون تائين جمع ڪرائڻو پوندو.

آرڊيننس ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيڪس سڄو سال جمع ڪرائي سگهجي ٿو،پر هر ٽن مهينن ۾ ڏنڊ ڀرڻو پوندو.

آرڊيننس مطابق  غير قانوني متحرڪ اثاثا قانوني بنائڻ لاءِ  30 جون تائين 4 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻو پوندو،ڏيهي ۽ پرڏيهي اثاثن تي 4 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي ڪري قانوني حيثيت حاصل ڪري سگهجي ٿي.

جڏهن ته پرڏيهه ۾ اثاثا قانوني حيثيت حاصل ڪرڻ  کانپوءِ واپس پاڪستاڻ آڻڻا پوندا، انهن اثاثن تي 6 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*