سنڌ جي ٽيچنگ اسپتالن ۾ وائيس چانسلرز جي سربراهيءَ ۾ نوان مينجيمينٽ  بورڊ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو

سنڌ جي ٽيچنگ اسپتالن ۾ وائيس چانسلرز جي سربراهيءَ ۾ نوان مينجيمينٽ  بورڊ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صحت کاتي ٽيچنگ اسپتالن جي بورڊز جي جوڙجڪ مڪمل ڪري ورتي، سنڌ جي پنجن ئي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وائيس چانسلر  بورڊز جا سربراهه هوندا، وائيس چانسلرز ٽرمس ڪنڊيشنز تي صحيحون ڪري ورتيون، نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.

سنڌ جي پنجن ئي ميڊيڪل يونيورسٽيز جي ميڊيڪل ڪاليج سان  الحاق ٿيل ٽيچنگ اسپتالن ۾ صحت جي بهتر سهولتن جي فراهمي ۽ انتظام سٺي نموني هلائڻ لاءِ صحت کاتي پاران وائيس چانسلرن جي سربراهيءَ ۾ نوان مينجيمينٽ  بورڊ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

صحت کاتي ٽيچنگ اسپتالن جي بورڊز جي جوڙ جڪ مڪمل ڪري ورتي آهي، سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وائيس چانسلر  بورڊز جا سربراهه هوندا.

پنجن ئي وائيس چانسلرز ٽرمس ڪنڊيشنز تي صحيحون ڪري ورتيون آهن، جلد نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*