سنڌ هاءِ ڪورٽ حفيظ شيخ ۽ رضا باقر جي مقرري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر جي مقرري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو اڄ ئي ٻڌايو ويندو، مولوي اقبال حيدر جو چوڻ آهي ته ڌرين کي نوٽيس موڪلڻ بنا فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، عالمي مالياتي اداري جي ملازم ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهن کي پاڪستان ۾ اهم عهدا ڪيئن ٿا ڏئي سگهجن؟ درخواست رد ٿي ته سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائيندس.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورٽ ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر جي مقرري خلاف مولوي اقبال حيدر ايڊووڪيٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو اڄ ئي ٻڌايو ويندو.

مولوي اقبال حيدر ايڊووڪيٽ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عالمي مالياتي اداري جي ملازمن ۽ ٻٽي شهريت رکندڙن کي پاڪستان ۾ اهم عهدن تي ڪيئن مقرر ڪري سگهجي ٿو.

درخواستگذار جو چوڻ آهي ته  ڌرين کي نوتيس اماڻنبنا عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست رد ڪئي ته سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*