ڪراچي جي گٽڪا فروشن پوليس ڪاررواين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

ڪراچي جي گٽڪا فروشن پوليس ڪاررواين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گٽڪي ۾ زهريلو يا تيزابي مادو نه هوندو آهي، پوليس کي ڪاررواين دوران اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ هوم سيڪريٽري کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي گٽڪا فروشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته گٽڪي ۽ پان ۾ زهريلو يا تيزابي مادو ناهي، ڀلي ليبارٽري چيڪ ڪرايو وڃي.

گٽڪا فروشن درخواست ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پوليس ڪاررواين دوران اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري رهي آهي، تنهن ڪري ان کي روڪيو وڃي.

عدالت گٽڪا وڪرو ڪندڙن جي اهڙي درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ هوم سيڪريٽري کان 24 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*