لاهور هائي ڪورٽ عليم خان جي ٻنهي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي

لاهور هائي ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان جي ٻنهي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.

عليم خان جي درخواست تي جسٽس باقر نجفي جي سربراهيءَ ۾ٻه رڪني بينچ شنوائي ڪئي.

عدالت معلوم ڪيو ته نيب هينئر تائين پڇا ڳاڇا دوران ڇا حاصل ڪيو آهي؟

ان تي نيب عدالت کي ٻڌايو ته عليم خان پرڏيهه ۾ غير قانوني ٽرانزيڪشن ڪئي آهي.

عليم خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ان جي اصيل  جيڪي اثاثا ٺاهيا ۽ رقم منتقل ڪئي، اهي ڊڪليئرڊ آهن، ان جي خلاف ڪرپشن ۽ ناجائز اثاثن جو ڪوبه ڪيس ناهي.

عدالت ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ هڪ ، هڪ ڪروڙ رپين جي ضمانت منظور ڪندي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.

مڪاني ادارن جي اڳوڻي وزير عليم خان  نيب جي گرفتاري کي لاهور هائي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*