تحريڪ انصاف جي حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي جو وعدو پورو ڪري رهي آهي، شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي جو وعدو پورو ڪري رهي آهي،ان حوالي سان قومي اسيمبلي مان آئيني بل اڪثريتي راءِ سان  منظور ٿي چڪوآهي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته نئون صوبو ملتان، بهاولپور ۽ ڊيرا غازي خان ڊويزنن تي ٻڌل هوندي، نئين صوبي جون 120 سيٽون هونديون،ان سان پنجاب جو سيٽون گهٽجي 251 ٿي وينديون.

هن چيو ته صوبو قائم ٿيندو ته ان جي سينيٽ ۾ به نمائندي هوندي ۽ الڳ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي ويندي.

هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ترميم جي حوالي سان اسپيشل ڪميٽي جوڙي رهيو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڏکڻ پنجاب لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي، جيڪا اسان وٽ ناهي.

هن چيو ته ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ پ پ جي سينئر اڳواڻن سان رابطو ڪيو آهي،جنهن جو مثبت جواب مليو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*