سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيل ڪيل سکر پريس ڪلب کي کولي صحافين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيل ڪيل سکر پريس ڪلب کي کولي صحافين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وقتي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ سکر پريس ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ميونسپل ڪمشنر سکر، عدالت کي ٻڌايو ته پريس ڪلب پبلڪ پارڪ جي  زمين تي ٺاهيو ويو، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي خالي ڪرايو ويو آهي.

چيف جسٽس چيو ته عدالت سکر پريس ڪلب جي صحافين کي رستي تي ويهارڻ لاءِ نه چيو هو.

عدالت ميونسپل ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انسانن سان سلوڪ ڪرڻ جو به ڪو طريقو هوندو آهي، اسان ڪهڙي سماج ۾ رهون پيا، جتي اهڙا ڪم ٿي رهيا آهن.

عدالت سکر پريس ڪلب کولي صحافين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پريس ڪلب لاءِ متبادل زمين جو معاملو حل ڪرڻ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ  ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*