دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار اشرف نور کي بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار اشرف نور کي بري ڪري ڇڏيو، جوابدار خلاف قتل جون ڌمڪيون، ميڊيا هائوسز تي حملو ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا ڪيس داخل ٿيل هئا.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 22 آگسٽ تي ميڊيا هائوسز تي حملي، ڀڃ ڊاهه ۽ بين ڪيسن ۾ نامزد جوابدار اشرف نور  جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي کيس بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پوليس جوابدار جي اپيل تي اعتراض واريندي عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار ميڊيا هائوسز تي حملي، ڀڃ ڊاهه، قتل جو ارادو ۽ ٻين ڪيسن ۾ نامزد آهي، تنهنڪري سندس اپيل رد ڪئي وڃي.

عدالت پوليس جا اعتراض رد ڪندي جوابدار کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*