پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽ اهم ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽ اهم ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم اڄ پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي واضح برتري حاصل آهي.

پهرين ون ڊي برسات سبب ختم ٿئي،جنهن ۾ بعد ٻين ۽ ٽين ون ڊي ميچز ۾ ميزبان ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد قومي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪئي.

سڀاڻي ٻنهي ٽيمن وچ ۾رٿيل چوٿين ميچ پاڪستان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي، شڪست جي صورت ۾ ٽيم سيريز هارائي ويندي،جڏهن ته فتح حاصل ڪرڻ بعد آخري ميچ ۾ سيريز جو فيصلو ٿيندو.

اڄ قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

ٽريننگ سيشن دوران ڪوچنگ اسٽاف جي ڪوشش هوندي ته بالنگ ۽ فيلڊنگ جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*