پلواما ضلعي ۾ سرچ آپريشن جي نالي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 4 ڪشميري شهيد ٿي ويا

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، پلواما ضلعي ۾ سرچ آپريشن جي نالي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 4 ڪشميري شهيد ٿي ويا.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، قابض ڀارتي فوج پلواما ضلعي جي علائقي داليپور ۾ نام نهاد آپريشن جي نالي تي گهر گهر تلاشِ ورتي ۽ فائرنگ ۾ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

شهيد نوجوانن جي سڃاڻپ نصير، عمر مير، خالد احمد ۽ رئس احمد ڊار جي نالن طور ٿي، جڏهن ته ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان يونس احمد ڊار به سخت زخمي ٿي پيو،جيڪو شهيد رئيس احمد ڊار جو ڀاءُ آهي.

قابض ڀارتي فروسز آپريڊن دوران هڪ گهر کي به تباهه ڪيو، واقعي بعد نوجوانن جو  وڏ انگ ڀارتي فوج جي خلاف روڊن تي نڪري آيو، جنهن دوران چڪريون به ٿيو.

پلواما ضلعي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس به معطل آهي، جڏهن ته ضلعي ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحا ِه، جتي قابض فوج ڪڙو چاڙهي رکيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*