مسلم ليگ نون عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ نون عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نون ليگ اڳواڻ راڻا مشهود چيو آهي ته شهباز شريف جي لنڊن ۾ سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏيڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن، شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائينداسين.

ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا مشهود چيو ته عمران خان جي سياست نواز شريف  جي نالي سان شروع ۽ ختم ٿئي ٿي.

هن چيو ته، عيد کانپوءِ اپوزيشن تحريڪون گڏجي حڪومت خلاف تحريڪ هلائينديون.

نون ليگ اڳواڻ راڻا مشهود چيو ته شهباز شريف جي لنڊن ۾ سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏيڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن.

راڻا مشهود چيو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*