ڊالر 4 رپيا 60 پئسا مهانگو ٿي ويو، انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت147رپيا ٿي وئي

انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اڏام جاري آهي،  ڊالر 4 رپيا 60 پئسا مهانگو ٿي ويو، انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت147رپيا ٿي وئي،  انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت خريد 145 رپيا آهي .

انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اڏام جاري آهي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ چار سيڪڙو مهانگو ٿي 147 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.

ڪاروباري ڏيتي ليتي جي شروعات ٽي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 5 ڏهائي 61 رپين جي واڌ ٿي آهي.

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي خريداري قيمت 146 ۽ وڪري جي قيمت 147 رپيه ڏٺي وئي، جنهن سبب ملڪي پرڏيهي قرضن ۾ 666 ارب رپين جو اضافو ٿي ويو آهي.

مارچ جي پڄاڻي تي پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جو ڪاٿو 105 رپيه ارب ڊالر هو، رپئي جو ملهه گهٽ ٿيڻ تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ناڪاري رجحان آهي، جتي 100 انڊيڪس 325 پوائنٽس گهٽتائي سان 33 هزار 965 جي سطح تي اچي ويو آهي.

واضح رهي ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف فند وچ ۾ معاهدي کان اڳ ڊالر جو ملهه 141 کان 142 رپيا هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*