اسلام آباد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ججز نظربندي ڪيس ۾ پرويز مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ججز نظر بندي ڪيس ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي، مشرف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي 5 ڊسمبر تي دليل ڏنا ويندا.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس پرويز مشرف خلاف ججز نظر بندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جي وڪيل عدالت ۾ روايتي جواب داخل ڪرائيندي چيو ته مشرف کي سڪيورٽي خدشا آهن ۽ ڊاڪٽرن کيس سفر ڪرڻ کان روڪيو آهي.

وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته پرويز مشرف کي اڄوڪي حاضري ۽ مستقل پيشيءَ کان ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي پرويز مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، اڳوڻي آمر جي مستقل ڇوٽ واري درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي تي بحث ٿيندو،  عدالت، ڪيس جي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*