ڊي ايس پي جي شهادت ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس جو رد عمل ٿي سگهي ٿو، اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار

ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ ڊي ايس پي بن قاسم فتاح سانگري سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا،  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي  جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ چيو آهي ته مڪمل ريڪي بعد پوليس کي نشانو بڻايو ويو، معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

گلشن حديد واري علائقي ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن هٿياربندن پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي بن قاسم، فتاح سانگري، سندس محافظ محمد فاروق ۽ ڊرائيور  نذير  شهيد ٿي ويا.

ملير پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ٻن طرفن کان پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪارن  کي شهيد ڪرڻ بعد سندن هٿيار به کڻي ويا.

شهيد ڊي ايس پي پير ڳوٺ  جو رهواسي ۽  اڳوڻي آر پي او سکر  بچل سانگري ۽ سکر جي ايس پي، سي آءِ ڊي عبدالاحد سانگري  جو ڀاءُ هو.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪارن جي شهادت جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڊي آءِ جي اوڀر منيرشيخ ۽ ايس ايس پي پير محمد شاهه واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي آءِ جي منير شيخ چيو ته مڪمل ريڪي بعد ڊي ايس پي ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو.

هن چيو ته ڊي ايس پي ۽ ٻين اهلڪارن جي قتل واري معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڊي آءِ جي چيو ته واقعي واري هنڌ تان ڊي ايس پي جو گذرڻ معمول هو ۽ هٿياربند حملي بعد پوليس وارن جا هٿيار به کڻي ويا آهن.

هن چيو ته واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پسٽل جي گولين جا 15 کان 20خول به مليا آهن.

شهيد ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري گذريل ڏينهن ملير جي هٽايل ايس ايس پي رائو انوار پاران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي  گرفتار ڪرڻ واري پريس ڪانفرنس به موجود هئو.

واقعي بابت ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار چيو ته ڊي ايس پي جي شهادت ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس جو رد عمل ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته ڊي ايس پي جي شهادت سان سندن حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا آهن ۽ واقعي جي چئني پاسن کان جاچ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*