حڪومت خلاف عوام جي ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي، پرويز رشيد

نواز ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت خلاف عوام جي ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي، ماڻهو رستن تي نڪتا ته نون ليگ سندن ترجماني ڪندي، عمران خان آءِ ايم ايف جيان چونڊن کانپوءِ ڀارت جي نئين سرڪار آڏو به گوڏا کوڙيندو .

ڪوٽ لکپ جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته نوازشريف هڪ ڀيرو نه پر ٽي ڀيرا جيل ڪاٽي چڪو آهي.

هن چيو ته، نوازشريف کي هڪ ڀيرو پيپلزپارٽي، ٻيو ڀيرو پرويز مشرف ۽ ٽيون ڀيرو عمران خان جيل ۾ وجهي پنهنجو شوق پورو ڪيو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ  چيو ته، نوازشريف جڏهن ملڪ آيو ته کيس زبردستي ملڪ بدر ڪيو ويو.

هن چيو ته، شهباز شريف به جيل کان  نه ٿو ڊڄي ۽ نه ئي وطن واپس اچڻ کان ڪڏهن لنوايو آهي، جيڪي ماڻهو شهباز شريف بابت افواهون پکيڙي رهيا آهن، اهي افواهه ڪڏهن به سچ ثابت نه  ٿيندا.

پرويز رشيد چيو ته، جيڪو ماڻهو ملڪ جي عوام لاءِ ڪم ڪندو آهي، انهن کي سزا ملندي آهي،جيڪي ناڪام هوندا آهن، انهن کي انعام ملندا آهن.

هن چيو ته، عمران خان ان جو بهترين مثال آهي،  جنهن ملڪ جي خودمختياري تي سودي بازي ڪئي ۽ مالياتي ادارن کي وڪرو ڪئي، ان کي انعام طور وزيراعظم بڻايو ويو.

پرويز رشيد چيو ته، ڀارتي چونڊن کان اڳ جيئن آءِ ايم ايف آڏو سرينڊر ڪيو ويو، تيئين عمران خان ڀارتي چونڊن کانپوءِ ڀارتي حڪومت آڏو گوڏا کوڙڻ وارو آهي.

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت کي رڳو 9 مهينا ٿيا آهن، پنج سال مشڪل آهن، مسلم ليگ ن جي قيادت نوازشريف وٽ آهي، مريم يا حمزه وٽ نه آهي.

هن چيو ته، پرويز رشيد سميت هر اڳواڻ پارٽي جو ڪارڪن آهي ۽ انهن جو ليڊر نواز شريف آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*