رتوديرو ۽ ڀر پاسي ۾  ايڇ آءِ وي جا ڌڙاڌڙ ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد تعلقي ۾ وڌيڪ 5 اسڪريننگ ڪيمپون قائم ڪيون ويون

رتوديرو ۽ ڀر پاسي ۾  ايڇ آءِ وي جا ڌڙاڌڙ ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد تعلقي ۾ وڌيڪ 5 اسڪريننگ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، پي پي ايڇ آءِ پاران 3 ۽ آءِ ايڇ ايس پاران 2 ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.

رتوديرو ۽ ڀر پاسي ۾  ايڇ آءِ وي جا ڌڙاڌڙ ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد تعلقي ۾ اڄ وڌيڪ 5 اسڪريننگ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي اسڪريننگ جو سلسلو جاري آهي.

 پي پي ايڇ آءِ پاران بي ايڇ يو لاشاري، سعدوديرو ۽  پير بخش ڀٽو ۾ 3 ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.

آءِ ايڇ ايس پاران رورل ھيلٿ سينٽر نوديرو ۽ بنگلديرو ۾ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي ٻارڙن، عورتن  ۽ مردن جي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي.

صحت واري وزير جي ھدايتن تي سينٽر کليا پر سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام سينٽرن تي ڪٽس نھ پھچايون، آءِ ايڇ ايس 2 هزار  ڪٽس خريد ڪري پنھنجن سينٽرن تي رکيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*