ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ وزيراعظم نريندر مودي جو هم شڪل شهري اَڀـَي نـَندن پاٺڪ سيليبرٽي بڻجي ويو

ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ وزيراعظم نريندر مودي جو هم شڪل شهري اَڀـَي نـَندن پاٺڪ سيليبرٽي بڻجي ويو آهي ۽ ڀارتي وزيراعظم جي مقابلي ۾ چونڊون به وڙهي رهيو آهي. اڀي نندن پاٺڪ جو چوڻ آهي ته آئون اصلي ماڻهو آهيان، مان مودي جو نه پر نريندر مودي منهنجو هم شڪل آهي.

الجزيره ٽي وي سان ڳالهائيندي پاٺڪ ٻڌايو ته هو پهرين نريندر مودي ۽ سندس جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي جو حامي هو پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ مودي ۽ سندس جماعت عوام سان ڪيل وعدا پورا نه ڪيا، تنهن ڪري هن مودي خلاف اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته عوام مون سان پيار ڪري ٿو.

اڀي نندن پاٺڪ ٻڌايو ته ڀارتي وزيراعظم جو هم شڪل هئڻ سبب کيس وڏي مقبوليت ملي آهي ۽ روز سوين ماڻهو ساڻس ملاقات لاءِ اچن ٿا. هن چيو ته ڪيرالا، راجستان ۽ ٻين رياستن مان به ماڻهو ملڻ لاءِ اچن ٿا. عام ماڻهن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ممڪن نه آهي تنهن ڪري توهان سان ملون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*